اسلام آباد -31 آڪٽوبر (اي پي پي)اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ گئس جي اگهه ۾ پهرين ??وم??ر 2023ع کان واڌ ج?? منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي، محصول ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وفاقي وزير سميع سعيد، بجلي ۽ پ??ٽرول واري وزير محمد علي، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. لاڳاپيل وزارتن اجلاس ۾ توانائي ۽ پ??ٽروليم واري وزارت طرفان پيش ڪيل سنگل آئٽم ايجنڊا تي غـور ڪيو. توانائي واري وزارت طرفان مختلف ڪيٽيگرين لاءِ قدرت?? گئس جي وڪري جي اگهه تي نظرثاني جي حوالي سان پيش ڪيل سمري مالي سال 24-2023ع تي ٻيهر غور ڪيو ويو. اي سي سي تفصيلي بحث ۽ غور ڪرڻ بعد گئس جي اگهه ۾ واڌ ج?? منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تي عمل پهرين ??وم??ر 2023ع کان ڪيو ويندو. اي سي سي ان کان اڳ 23 آڪٽوبر 2023ع تي پيٽروليم ڊويزن طرفان جمع ڪرايل سمري تي غور ڪيو ۽ قدرت?? گئس جي قيمتن ۾ واڌ ج?? منظوري ڏني. وفاقي ڪابينه 30 تاريخ تي پنهنجي اجلاس ۾ ان سمري کي نظرثاني لاءِ ٻيهر اي سي سي ڏانهن اماڻيو هو. اي سي سي خصوصي اجلاس ۾ قدرت?? گئس جي اگهه ۾ ترميم ج?? منظوري ڏني.
اقتصادي رابطا ڪميٽي گئس جي اگهه ۾ پهرين نومبر 2023ع کان واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ