اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي، اسان فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي ??ي لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ گهيراءُ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٽوئيٽ موجب نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيل جو غزه ۾ شهرين کي ڄاڻي و??ڻي نشانو بڻائڻ تهذيب جي سمورن اصولن جي خلاف ۽ عالمي قانونن جي ??لي?? خلاف ورزي آهي. هن چيو ته تشدد جي خاتمي کي فلسطيني سرزمين تي سالن جي ڏاڍ ۽ غيرقانوني قبضي ۽ ان جي عوام جي خلاف جابراڻي پاليسين جي ڏس ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهيريل غزه تائين فوري طور تي گهربل امدادي سامان جي چرپر ??ي لاءِ محفوظ ۽ غيرمحدود انساني لنگهه کولڻ ??ي لاءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان غزه جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزه جي ماڻهن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ ??ي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏيندو.
پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات