پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئ?? آهي، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ پاڪ فوج پاران فراهم ڪيل مدد سار??هه جوڳي آهي، اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، خيبرپختونخو??هه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لا??ِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ خيبرپختونخو??هه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون سار??هه جوڳيون آهن، اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ خيبرپختونخو??هه سان لاڳاپيل معاملن تي اهم اجلاس گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيو. نگران وزيراعظم کي خيبرپختونخو??هه جي امن امان جي تازي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن پاران نگران وزيراعظم کي صوبي کي درپيش مالي مسئلن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئ?? آهي. هن چيو ته اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ فوج پاران فراهم ڪيل مدد سار??هه جوڳي آهي. نگران وزيراعظم زور ڏئي چيو ته اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي واپس موڪليو پيو وڃي جڏهن ته اهو خيال رکيو وڃي ته قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ان حوالي سان ڪا ڏکيائي نه ٿئي. هن هدايت ڪئي ته امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لا??ِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، خيبرپختونخو??هه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لا??ِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ خيبرپختونخو??هه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون سار??هه جوڳيون آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري. هن هدايت ڪئي ته پوليس کي جديد اوزارن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن دهشتگردي جي لعنت کي بهتر انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخو??هه حڪومت کي هر ممڪن سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪندي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج ۽ پوليس لا??وال قربانيون ڏنيون آهن، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس سان گڏ بيٺل آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. نگران وزيراعظم خيبرپختونخو??هه کي درپيش مالي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته صوبي جي مالي مسئلن ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخو??هه جي گورنر حاجي غلام علي، خيبرپختونخو??هه جي نگران وڏي وزير اعظم خان، نگران صوبائي وزير سيد مسعود شاهه، بئريسٽر فيروز جمال، جسٽس (ر) ارشاد قيصر، احمد رسول بنگش، آصف رفيق، ڊاڪٽر نجيب الله، ڊاڪٽر محمد قاسم جان، جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، سيد عامر عبدالله، انجنيئر عامر نديم دراني، انجنيئر احمد جان، نگران وڏي وزير جي صلاحڪارن ڊاڪٽر رياض انور، ڊاڪٽر سرفراز علي شاهه، نگران وڏي وزير جي خاص معاون ظفر الله خان، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخو??هه نديم اسلم چوڌري ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ