اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ رياست جي بنيادن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن، قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضا??ت ڪئي. انٽرنيشنل پيس فيسٽيول 2023ع کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ کان 22 سال اڳ 2001ع ۾ گڏيل قومن ??المي امن ڏهارو ملهائڻ جو اعلان ڪيو، 2023ع ۾ عالمي انساني حق ڪنوينشن جا 75 سال به مڪمل ٿي رهيا آهن جيڪو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته نيڪٽا پنهنجي شروع کان وٺي هيستائين ملڪ جي اندر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ??هم قدم کنيا ۽ امن ????من عملن تي غور ڪيو. هن چيو ته امن ????من محرڪن ۾ هڪ اهم عنصر انتهاپسندي آهي، پرتشدد انتهاپسندي دهشتگردي کي جنم ڏي ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اقليتن جي حقن جو تحفظ پاڪست??ن جي پاڙن ۾ شامل آهي. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي 11 آگسٽ جي تقرير ۾ اقليتن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضا??ت ڪري ڇڏي هئي ته سمورا پاڪستاني برابر آهن ۽ برابري جو فروغ انتهاپسندي جي خلاف سڀ کان وڏو هٿيار آهي. هن چيو ته اسلام انسانيت سان بهتر سلوڪ جو درس ڏي ٿو جڏهن ته انتهاپسندي جي خلاف جدوجهد اس??ن جي قدرن ۾ شامل آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياست سان وفاداري جي گهرج آهي ته ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه رکيو وڃي، رياست جي سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن. اسان کي تعصب کي ختم ڪرڻو پوندو، انهي جذبي سان پاڪست??ن جي طاقت کلي سامهون ايندي ۽ ڪير به هن ملڪ کي ڪمزور نه ڪري سگهندو.
اقليتن جي حقن جو تحفظ رياست جي بنيادن ۾ شامل آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا