لنڊن – 12 – ??يپ??مبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي موقعي تي لنڊن ۾ سريلنڪا جي يوٿ افيئرز اينڊ اسپورٽس جي وزير روشن رانا سنگا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن نوجوانن جي ترقي جي گڏيل موقعن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن راندين ۽ تعليم جي شعبن ۾ خصوصي طور تي ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظها?? ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نوجوانن جي معاملن ۾ اڳ ۾ ئي تعاون جاري ??هي جنهن کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی