اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي، جنهن ۾ عالمي مالياتي فن?? جي ايم ڊي سان ملاقات دوران پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آهن ۽ هر حال ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آهن، مون کي ياد آهي ته ڪهڙي طرح سريلنڪا جي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم ڊينگي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪئي، ان وقت ان وبا سان ل??هو?? ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون هيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيڪ نيتي ۽ سٺي پاڙيسريت تي ٻڌل آهن، پنهنجي دوستاڻن ??اڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ آئون سريلنڪن صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.
سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria