راولپنڊي-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته معروضي تربيت اسان جي پيشوراڻي مهارت جو حصو آهي، اسان کي قومي سلامت?? کي درپيش ڪنهن به خطر?? کي مُنهن ڏين لاءِ ه??يش?? تيار رهڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪور ڪمانڊرز ??انفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جي صدارت هيٺ 258هين ڪور ڪمانڊرز ??انفرنس منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي دفاع ۾ بهادر سپاهي جي مسلسل قربانين کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي اندروني سلامتي جي موجوده صورتحال ب??بت تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊرز ??انفرنس ۾ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي پهلوئن تي به غور ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جا پاڙيسري ملڪ ۾ ٺڪاڻا آهن. ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ پاڪستان ۾ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. ڪور ڪمانڊرز ??انفرنس ۾ فورم کي معاشي بحالي جي منصوبي، سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل جي دائره ڪار ب??بت آگاهه ڪيو ويو. زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، دفاعي پيداواري شعبن ۾ ترقي لاءِ فوج جي ڪاوشن تي بريفنگ ڏني وئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ حڪمت عمليءَ کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
اسان کي قومي سلامتي درپيش ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا