اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان آفريق?? ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، آفريق?? ملڪن ۾ تازو ئي پاڪستان جا 5 سفارتخانا قائم ڪيا ويا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي قيام ۽ ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ اڏ??من جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي سلسلي ۾ اهم سنگ ميل ??هي. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا وفاقي گادي واري شهر ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا چيو ته ايٿوپيا پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. مسگانو آريگا پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگها ۽ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد ۾ سفارتخاني جي افتتاح سان ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ سفارتي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تعاون جي هڪ نئين تاريخ قائم ٿيندي. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا ايٿوپيا جي لاءِ فخر جوڳا آهن. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو ۽ سفارتخاني ۾ ايٿوپيا جو جهنڊو ڦڙڪايو. ٻئي طرف پ??ڏيهي آفيس موجب ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ گڏيل ??عاون کي وڌائڻ ۽ اقتصادي، ثقافتي ۽ سفارتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.
پاڪستان آفريقي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں