اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آه??، پاڪستان گڏيل عرب ا??ار??ت سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات بائيو ٽيڪ جي چيئرمين ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت جي حڪمران خاندان جي ميمبر شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هڪ وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراع??م چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آه??. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گڏيل عرب ا??ار??ت سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آه??. وزيراعظم حيات بائيو ٽيڪ پاران پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر خاص طور تي ويڪسين جي تياري ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن دورو ڪندڙ وفد کي قابل تجديد تو??نا??ي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب پڻ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان آگاهه آه??. هن چيو ته گڏيل عرب ا??ار??ت تو??نا??ي ۽ صحت جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۾ گڏيل عرب ا??ار??ت جي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. معزز مهمان وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي تعاون سان شروع ڪيل 1200 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ منصوبي بابت پڻ ٻڌايو جيڪو شمسي ۽ هوا سان تو??نا??ي جو هڪ هائبرڊ پاور پلانٽ هوندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، نيشنل هيلٿ سروسز وارو وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ