اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي اگهه ??ي پيٽرول جي فراهمي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وز??راعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وز??راعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، وز??راعظم جي صلاحڪار اح?? چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وز??ر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وز??راعظم جي هدايت موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رمضان دوران مفت اٽي جي فراهمي ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ پروگرام حتمي مرحلن ۾ آهي، ان اسڪيم سان اسلام آباد جي اٽڪل ڏيڍ لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو. اجلاس کي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن جي لاءِ رعايتي اگهه ??ي پيٽرول ??ي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ان حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. وز??راعظم پروگرام کي حتمي شڪل ڏئي جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم چيو ته موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارا معاشي طور تي ڪمزور طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ حڪومت انهن کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وز??راعظم اسلام آباد ۾ رمضان دوران غريب ۽ وچولي طبقي کي مفت اٽي جي فراهمي جو فيصلو ڪيو آهي، اسڪيم تحت اسلام آباد جي 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وز??راعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ر??ضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وز??راعظم هدايت ڪئي ته مفت اٽي جي ورڇ کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وز??راعظم جي هدايت تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جو پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، پروگرام تحت موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي سس??ي پيٽرول جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.
وزيراعظم پاران موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي پيٽرول جي فراهمي جو اصولي فيصلو، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم پاران سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن