اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ايڪشن پلان ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ??هي. ڪالهه اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار مراڪش جي شهر فينز ۾ گڏيل ??وم?? جي تهذيبن بابت اتحاد جي نائين عالمي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو ??نهن جي ميزباني مراڪش جي شاهه ڪئي. مملڪتي وزير سڄي دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت، امتيازي سلوڪ، اسلامو فوبيا ۽ تشدد جي وڌندڙ م??ئلي بابت پاڪستان جي موقف ۽ خدشن کي واضح ڪيو. هن پرامن گڏيل بقاءَ، گڏيل افهام تفهيم ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ۽ مضبوط بين المذهبي، بين التهذيبي ۽ بين المذاهب مڪالمي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. حنا رباني کر خاص طور تي مسلمانن ۽ اسلام جي خلاف رياستي امتيازي سلوڪ، دشمني ۽ فوبيا طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ اهڙي قسم جي ڪڌي ڪمن جي لاءِ ڇوٽ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ م??حول طرف ڌيان ڇڪرايو. هن زور ڏنو ته هاڻي وقت اچي ويو ??هي ته عالمي برادري ۽ گڏيل ??وم??ن اسلامو فوبيا ۽ مسلم مخالف نفرت جي ڪڌي رجحانن کي بامعنيٰ طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ايڪشن پلان جوڙين. گڏيل ??وم?? جي تهذيبن جو اتحاد نائين اليون کانپوءِ 2005ع ۾ مسلم دنيا ۽ اولهه جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي جواب ۾ جوڙيو ويو هو. ان جي بنيادي مقصدن مان هڪ سمورين ثقافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام کي اڳتي وڌائڻ آهي. نائون فورم ”امن جي اتحاد طرف: هڪ انسانيت جي طور گڏ رهڻ“ جي مرڪزي موضوع تحت منعقد ڪيو ويو. يو ??ين اي او س?? گروپ آف فرينڊز جي ميمبر طور پاڪستان اتحاد جي مينڊيٽ کي اڳتي وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي.
اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ايڪشن پلان ٺاهڻ گهرجي: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ