آستانه – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس گڏيل اقصادي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ ان جي پيروي کي يقي??ي بڻائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي سگهه ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آستانه ۾ سيڪا جي ڇهين سربرا??ي اجلاس جي موقعي تي بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻن??ي اڳواڻن جاري ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر لوڪا شينڪو چيو ته بيلاروس ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ پاڪستان ۾ غيرمعمولي تباهي مچائي ۽ بيلاروس متاثرين جي بحالي جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ بيلاروس ??ي وچ ۾ تعاون ??ي سمورن ممڪن شعبن ۾ رابطن کي سگهه ڏئي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن پاڪستان بيلاروس گڏيل اقتصادي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ ان جي پيروي کي يقي??ي بڻائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي سگهه ملندي. علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻن??ي اڳواڻن امن، استحڪام ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻن??ي اڳواڻن ان کان اڳ 15 سيپٽمبر 2022ع تي ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ??ي سربرا??ي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي هئي. هڪ مهيني ۾ ٻه ڀيرا قيادت ??ي سطح تي ڳالهه ٻولهه مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جي عڪاسي ڪري ٿي.
پاڪستان ۽ بيلاروس پاران گڏيل اقصادي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر