نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ناروي جي امداد کي ساراهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي نارويجن هم منصب اينيڪن هيوئٽ فيلڊ سان ملاقات دوران هن پاڪستان ۽ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (اي ايف ٽي اي) جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري مع??هد?? (ايف ٽي اي) کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي ??ور ڏنو. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي ??تفاق ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ناروي جي ناليواري ڪمپنين جي موجودگي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي پرڪشش سيڙپڪاري پاليسي مان وڌ??ڪ ڪمپنيون فائدو کڻنديون. پرڏيهي وزير پاڪستانين جي لاءِ قانوني اچ وڃ جا موقعا وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت تعاون کي ساراهيو. اف??انستان بابت بلاول ڀٽو زرداري اف??انستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت کي ورجايو ۽ اف??ان عوام کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ اف??ان عبوري عملدارن سان عالمي برادري جي مسلسل شموليت جي ضرورت تي ??ور ڏنو. ناروي اف??انستان مان نڪرڻ واري عمل ۾ پاڪستان پاران سهولت فراهم ڪرڻ کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ناروي جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو ۽ ناروي پاران ڏني ويندڙ امداد کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ گهڻ رخي جي اهميت تي ??ور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار