اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي پنهنجي آسٽري??يا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ سان ملاقات ڪئي. پرڏ??هي آفيس ??ي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان آسٽري??يا سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪو يورپي يونين جو اهم ميمبر آهي. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن پاڪستان آسٽري??يا لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏ??هي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، قابل تجديد توانائي، سياحت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ وسيع تعاون جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا سان گڏوگڏ پارلياماني رابطن کي وڌائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي آسٽريليا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا