اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي ش??بي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، پرڏيهي ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون ڏنيون وينديون. وزيراعظم هواوي مڊل ايسٽ ۽ آفريقا ريجن جي نائب صدر زي زيانگ سان ملاقات دوران ??الهائي رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پرڏيهي ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي ش??بي ۾ هر مڪن سهول??ن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، موجوده حڪومت جو ارادو آهي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستان جي آءِ ٽي ش??بي جو روانگي واپار ڏيڍ ارب مان وڌائي 15 ارب تائين وڌايو وڃي، ان ??س ۾ هواوي ڪمپني پاران پاڪستان جي نوجوانن کي يونيورسٽي قائم ڪرڻ سميت ٻي ضروري تربيت جي فراهمي سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي ش??بي ۾ سيڙپڪاري سان روزگار ۾ اضافو ۽ پاڪستاني نوجوانن خاص طور تي عور??ن جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته حڪومت اي ڪامرس جي ش??بي ۾ عور??ن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ انهن کي سازگار ماحول جي فراهمي، تربيت ۽ سرمايو وڌائڻ جي لاءِ خاص ڌيان ??نو آهي. هن چيو ته ضرورت ان ??الهه جي آهي ته هڪ هفتي ۾ ٺوس ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن حڪومت جي ان عزم کان آگاهه ڪيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ڪا ڪسر نه ڇڏيندي. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي ش??بي ۾ هواوي جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان سان ??گهي رفاقت تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هواوي جي نائب صدر زي زيانگ وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي پاڪستان ۾ هواوي جو دائرو وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پانگ چنزيو پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.
پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل