اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان رومانيا سان ٻطرفي ??اڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر رومانيا جي سفير نيڪولي گويا سان ڳاله??ئي??دي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي ??اڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان رومانيا سان ٻطرفي ??اڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان يورپي يونين سان گڏ اسٽريٽجڪ حصيداري تحت رومانيا سميت مختلف يورپي ملڪن سان گڏ ٻطرفي ??اپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ مقرر رومانيا جي سفير نيڪولي گويا پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ ٻطرفي ??اڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.
پاڪستان رومانيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔