اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال سان ??ور?? پاڪستان متاثر ٿئي ٿو، اسان افغانستان ۾ ٺوس حڪومت چاهيون ٿا پر ٻئي طرف اسان کي افغانستان ۾ ا??سا??ي الميي تي ڳڻتي آ??ي، افغانستان 40 ملين آبادي جو هڪ وڏو ملڪ آ??ي، افغانستان بابت اڪانومسٽ جي تازي ر??ور?? پريشان ڪندڙ آ??ي، معصوم ٻارن کي خوراڪ جي لاءِ وڪرو ڪيو پيو وڃي، دنيا کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، فيڪ نيوز دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو مسئلو آ??ي، اسان چاهيون ٿا سفارتخانن ڏانهن ويندڙ معلومات بلڪل واضح هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن جي سفارتخانن ۾ پريس اتاشين سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال سان ??ور?? پاڪستان متاثر ٿئي ٿو، هن وقت افغان عوام غربت جي زندگي گذاري رهي آ??ي، اڪانومسٽ پنهنجي تازي ر??ور?? ۾ ٻڌايو آهي ته افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، افغانستان ۾ غربت جي صورتحال جي ڪري ا??سا??ي الميو پيدا ٿيڻ جو خدشو آ??ي، اهڙيون وڊيوز سامهون اچي رهيون آهن جن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته معصوم ٻارن کي خوراڪ جي لاءِ وڪرو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته دنيا کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان افغانستان ۾ ٺوس حڪومت چاهيون ٿا پر ٻئي طرف اسان کي افغانستان ۾ ا??سا??ي الميي تي ڳڻتي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قبائلي علائقن ۾ اسان ڊگهي عرصي تائين جنگ وڙ??ي، جڏهن اسان آپريشن شروع ڪيو ته 40 کان 45 هزار پاڪستاني افغانستان هليا ويا، اهي سمورا ماڻهو پاڪستاني آهن، انهن کي واپسي جو موقعو فراهم ڪرڻ گهرجي. فيڪ نيوز ۽ جعلي خبرن جو ذڪر ڪندي چوڌري فواد حسين چيو ته ٽيڪنالاجي جي وڌيڪ استعمال سان فيڪ نيوز ۽ جعلي نيوز جي مسئلن جنم ورتو. اطلاعات واري وفاقي وزير آمريڪا جي اڳوڻي صدر اوباما جو حوالو ڏيندي چيو ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر اوباما 2003ع ۾ چيو هو ته جديد د??ر ۾ حڪومتن جو سڀ کان وڏو چئلينج فلو آف انفارميشن کي منظم ڪرڻ آهي. هن چيو ته فلو آف انفارميشن جو چئلينج سمورن ملڪن کي درپيش آهي. سمورا ملڪ قانونسازي جي ذريعي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته يورپي يونين، آمريڪا ۽ برطانيا به فيڪ نيوز ۽ جعلي پروپئگنڊه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي ميڊيا جو ڳاڻيٽو اسرندڙ ملڪن جي ميڊيا ۾ هڪ وڏي ميڊيا طور ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ 200 کان وڌيڪ ٽي وي چينلز، 2 هزار کان وڌيڪ ويب سائيٽس ۽ يوٽيوب چينلز ڪم ڪري رهيا آهن، هتي 1500 کان وڌيڪ روزاني اخبارون ۽ سوين هفتيوار ۽ ماهوار اخبارون شايع ٿين ٿيون، اٽڪل 48 عالمي نيوز چينلز پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان نئين قانونسازي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پي ايم ڊي اي جو آئيڊيا تجويز ڪرڻ جو مقصد سمورن قانونن کي گڏ ڪرڻ هو، ريگيوليشن جي موجوده مڪينزم تحت اڌ درجن کان وڌيڪ فرسوده قانون موجود آهن جيڪي جديد د??ر جي گهرجن تي ??ور?? نه ٿا لهن. هن چيو ته هن وقت 7 ريگيوليٽري باڊيز ميڊيا ادارن کي هلائي رهيون آهن، اهي قانون ڊيجيٽل انقلاب کان اڳ تيار ٿيا، اسان انهن قانون کي جديد د??ر جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته جديد د??ر ۾ ٽيليويزن، ريڊيو ۽ اخبارون موبائيل فون جو حصو بڻجي چڪيون آهن، اڄ اسان واٽس ايپ تي ايندڙ معلومات کي ٽوئيٽ ڪري ڇڏيون ٿا ته اها معلومات ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن تائين آساني سان پهچي وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف ڪيترن ئي معاملن تي غلط ۽ جعلي پروپئگنڊه ڪئي، اهو رڳو پاڪستان جو مسئلو نه آ??ي، ڪيترائي ٻيا ملڪ به اهڙي قسم جي مسئلن ۾ ورتل آهن، فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون ٿيڻ گهرجن، اسان کي عالمي ڪوششن جي ذريعي سوشل ميڊيا ريگيوليشنز ۽ ميڊيا جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته عالمي سطح تي ميڊيا جو ضابطو ۽ گڏيل قومن جون پابنديون هجڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون نه پکيڙي سگهجن. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت کي سفارتخانن ۾ اطلاعات جي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان رابطو رکڻ گهرجي، اطلاعات واري وزارت پاڪستان جي وڏين وزارتن مان هڪ آ??ي، ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ اطلاعات واري وزارت جو اهم ادارو آ??ي، پاڪستان جو موقف ٻاهرئين دنيا ۾ پيش ڪرڻ ۽ عالمي ميڊيا تان باخبر رهڻ اي پي ونگ جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي.
افغانستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال سان پورو پاڪستان متاثر ٿئي ٿو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون