اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڊينمارڪ جي حڪومت افغانستان مان پنهنجي شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ مدد تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو آهي، ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي س??ير ليس روزن هولم ملاقات ڪئي ۽ ڊينمارڪ جي شهرين جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ ڊينمارڪ جي حڪومت ۽ عوام پاران پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو. ??در چيو ته پاڪستان غير ملڪي شهرين ۽ عالمي تنظيمن جي ميمبرن کي فضائي ۽ زميني رستن ذريعي ڪڍيو، ان موقعي تي پاڪستان جي صحت جي نظام ۾ طبي اخلاقيات جي فروغ جي حوالي سان ??در جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، ڊينمارڪ جي س??ير اجلاس کي طبي اخلاقي طريقن ۽ ڊينمارڪ جي اعليٰ معيار جي صحت جي نظام جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ صحت جي شعبي جي پروفيشنلز ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي جي اخلاقي ۽ بهترين طريقن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ??در چيو ته طب جي پيشي سان لاڳاپ??ل ماڻهن کي اينٽي بايوٽڪس کي غير ضروري طور تي تجويز ڪرڻ جي رجحان جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو طبي نگهداشت جي ڪارڪنن، دواساز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ذميداري آهي ته هو طبي اخلاقيات کي فروغ ڏين ۽ مريضن کي اينٽي بايو ٽڪس جي ضرورت کان وڌيڪ نسخي جي حوصلا شڪني ڪن، اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشن اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت جي پارلياماني سي??ريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
صدر سان ڊينمارڪ جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات