اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مذهبي عقيدن جي احترام کي حڪومت جي بنيادي پا??يسي قرار ڏيندي چيو آهي ت?? رحيم يار خان ۾ اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مندر جو ٻيهر ک??ڻ حڪومت پاران اقليتن جي حقن کي ڏني ويندڙ اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته مذهبي عقيدن جو احترام اسان جي بنيادي پا??يسي آهي ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته پاڪستان جي آئين جي گهرجن موجب سمورا شهري زندگي ۽ آزادي جي نعمت مان لطف اندوز ٿين. واضح رهي ت?? رحيم يار خان جي علائقي ڀونگ شريف ۾ 24 جولاءِ تي 8 سالا هندو ٻار جي خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، پوليس ٻار ک?? گرفتار ڪري ورتو ۽ 4 آگسٽ تي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻار جي ضمانت منظور ڪري ان جي آزادي جو حڪم ڏنو ته مڇڙ??ل ميڙ احتجاج ڪيو ۽ ٽوڙ ڦوڙ سان هڪ مندر ک?? نقصان پهچايو جڏهن ته وزيراعظم ان واقعي جو فوري نوٽيس ورتو ۽ مندر جي بحالي جو حڪم ڏنو ۽ تنهن ڪري 11 آگسٽ تي متاثر مندر جي بحالي ڪئي وئي آهي. پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار اقليتن جي ڏينهن جي موقعي تي ڀونگ شريف ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي ۽ مذهبي رسمون ادا ڪري متاثر مندر جي بحالي جو افتتاح ڪيو.
مذهبي عقيدن جو احترام حڪومت جي بنيادي پاليسي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea