اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت مسلسل حليم عادل شيخ کي نشانو بڻائي رهي آهي، پيپلزپارٽي ان ??ان ??نل آهي ته هو سدائين انهن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪندو رهندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ پوليس ۽ انتظاميا کي گهرجي ته اهي فوري طور تي ان معاملي جو نوٽيس وٺن، ذميوارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ذميوارن کي ڍر ڏيڻ جو مطلب واضح آهي ته اهي توهان جا تربيت يافته ماڻهو آهن.
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری