اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورون?? جي تيزي سان پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ احت??اط?? تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آئون پاڻ وزيراعظم آفيس مان روزاني جي بنياد تي ان معاملي جي نگراني ڪندس، جنهن علائقي يا شعبي ۾ به ايس او پيز جي خلاف ورزي ٿي ان کي فوري طور تي بند ڪيو ويندو، ڪورون?? جي وب?? جي خلاف ڪم ڪندڙ هيلٿ ورڪرز جهاد ڪري رهيا آهن، حڪومت انهن جي لاءِ خاص پئڪيج ڏيندي، منهنجي ٽيم سمورين وفاقي ڌرين ۽ ماهرن سان مڪمل مشاورت کانپوءِ موثر حڪمت عملي جوڙي ۽ بنا ڪنهن جواز جي تنقيد ٿيڻ جي ب??وجود حڪومت ڪنهن دٻاءُ ۾ نه آئي، اڄ پوري دنيا کي احساس ٿي ويو آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. ملڪ ۾ ڪورون?? جي صورتحال ۽ وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه جو اندازو هو ته وقت سان گڏ ڪورون?? جي متاثرين ۽ ان وبا سبب ٿيندڙ فوتگين ۾ اضافو ٿيندو پ?? ان حوالي سان مخالف ڌر جي بنا جواز تنقيد افسوس جوڳي آهي، مخالف ڌر ڪشمير جي مسئلي وانگر ڪورون?? جي ايشو کي به پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.
احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ آئون پاڻ نگراني ڪندس: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو