اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي افسوسناڪ قرار ڏيندي ڪشميري ڀائرن سان ??رپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان ??الهه تي زور ڏنو آهي ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب پرامن طور تي حل ٿيڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي هڪٻئي جي موقف جا حامي آهن ۽ ڪالهه وانگر اڄ به گڏ بيٺل آهن، پاڪستان سياحت ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن جي ترقي لاءِ ترڪي جي تجربن مان فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار عمران خان ۽ ترڪي جي صدر رج?? طيب اردوان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان ??يو ته آئون ترڪ صدر کي پاڪستان اچڻ تي دل جي گهراين سان ??ليڪار چوان ٿو، اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر رج?? طيب اردوان جي خطاب کي پاڪستا??ي عوام تمام گهڻو ساراهيو، هو پاڪستان ۾ ايترو مقبول آهي جو جيڪڏهن چونڊ وڙهي ته هو ڪلين سوئپ ڪري ويندو.
رجب طيب اردوان پاڪستان ۾ چونڊ وڙهي ته ڪلين سوئپ ڪندو: عمران خان
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena