گهوٽڪي – 30 مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته قومون غريب ناهن هونديون پر ڪرپشن قومن ۽ ملڪن کي غريب ڪري ڇڏيندي آهي، ڏکڻ ڪوريا پاڪساني ماڊل تي عمل ڪيو ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪيون، سنڌ پاڪستان جو سڀ کان وڏو خوشحال صوبو هجڻ گهرجي ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهوٽڪي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪ??دي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته 10 سا?? اڳ ملڪ جا قرض 6 هزار ارب رپيا هئا جيڪي 10 سا??ن ۾ 30 هزار ارب تائين وڌي ويا آهن، ڪيڏانهن ويو ملڪ اهو پئسو؟ اڳ ۾ شريف ڀائر انهي زرداري کي ڪرپٽ چوندا هئا ۽ زرداري انهن کي ڪرپٽ چوندو هو پر اڄ ٻئي گڏجي جمهوريت بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر انهن جي جيڪا مرضي ڪن انهن کي نه ڇڏينداسين. قوم توهان کي معاف نه ڪندي، رڳو هڪ رستو آهي ته قوم جو پئسو وا??س ڪري ڇڏيو ته ڇڏيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ