اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ۽ سينيٽر اعظم سواتي چيو آهي ته اليڪشن 2018ع صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون ه??ون?? اليڪشن جي رات 2 وڳي تائين اليڪشن ڪميشن کي 51 سيڪڙو نتيجا ملي ويا هئا، هڪدم آر ٽي ايس بند ٿيڻ سبب نتيجن جي منتقلي متاثر ٿي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيٽر اعظم سواتي سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عام چونڊن جي نتيجن ک??نپوءِ هر طرف کان آر ٽي ايس تي اعتراض اٿارڻ جو عمل شروع ٿيو، وزيراعظم عمران خان پهرين ئي بريفنگ ۾ اهو واضح ڪيو هو ته ڌانڌلي جا ثبوت سامهون آندا وڃن ته حڪوم?? ان تي جاچ ڪندي.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار