نيويارڪ-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري (او ا??ڇ سي ايڇ ??ر) اتر لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حم??ي جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته اتر لبنان ۾ اها 4 منزله عمارت هئي جنهن تي حم??و ٿيو ، جنهن ۾ 22 ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. هن چيو ته انهن سببن کي ذهن ۾ رکندي اسان کي عالمي انساني قانون جي حوالي سان حقيقي خدشا آهن، تنهن ڪري جنگ جي قانونن، اڻبرابري ۽ اصولن کي نظر ۾ رکندي او ا??ڇ سي ايڇ ??ر ان واقعي جي فوري، آزاد ۽ مڪمل جاچ جو مطالبو ڪري ٿو. گذريل ڏينهن اسرائيل جي ان فضائي حم??ي ۾ 22 ماڻهو فوت ٿيا جن ۾ 12 عورتون ۽ 2 ٻار پڻ شامل آهن. آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ ج??گ شروع ٿيڻ کانپوءِ لبنان ۾ فوتگين جو ا??گ هن وقت تائين 2200 کان وڌيڪ آهي. وچ اوڀر لاءِ يو ا??ن ايڇ ??ي آر جي ڊائريڪٽر ريما جيموس امسيس چيو ته اهو ا??گ صورتحال وڌيڪ ڊرامائي هجڻ سان وڌي رهيو آهي. لبنان ۾ هن وقت تائين 1.2 ملين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جي امداد واري رابطا آفيس (او سي ايڇ ??ي (اوچا) خبردار ڪيو آهي ته متاثر ٿيل سمورا ماڻهو ڏهاڪن کان بدترين انساني بحران کي برداشت ڪري رهيا آهن. اوچا هڪ آن لائن پوسٽ ۾ چيو ته صحت جي سهولتن تي حم??ا عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙي آهن. انهن کي ختم ٿيڻ گهرجي، شام سان لبنان جي سرحد تي به مايوس ڪندڙ منظرن جا اطلاع مليا آهن، جتي هن وقت تائين 283000 کان وڌيڪ ماڻهو حفاظت جي ڳولا ۾، اسرائيلي فضائي حم??ن سبب اتر شام ۾ داخل ٿي چڪا آهن، انهن ۾ 70 سيڪڙو شام واسي ۽ تقريبن 30 سيڪڙو لبنان جا رهواسي آهن. ٻئي پاسي غزه ۾ گڏيل قومن جي ٻارن جي فنڊ (يونيسيف)الاقصيٰ ا??پتال جي اڱڻ تي ٿيل حم??ي جي مذمت ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري پاران اتر لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada