گڏيل قومون -23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي، ته اسرندڙ ??لڪ يو اين پيڪٽ فار فيوچر تي عملدرآمد ڪن. ان جو مقصد گهڻ رخي نظام کي تبديل ڪرڻ آهي، ان حوالي سان ماضي ۾ ڪيل واعدا پورا ناهن ڪيا ويا. انهن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم هڪ بحث دوران ڪيو. هن چيو ته اسرندڙ ??لڪ يو اين پيڪٽ فار فيوچر جو مقصد گهڻ رخي نظام کي تبديل ڪرڻ آهي ان لاءِ اسرندڙ ??لڪ ان تي عمل ڪن، ان حوالي سان ماضي جو رڪارڊ همٿائيندڙ ??اهي. منير اڪرم چيو ته بيشڪ اسان جيڪو معاهدو ڪيو آهي، اهو مڪمل ناهي، عالمي گورننس کي تبديل ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي جي 2030 ع جي ايجنڊا کي ٽربو چارج ڪرڻ ۽ بين بابت ڪيتريون ئي شقون آهن جن ۾ اسان انهن واعدن کان پوئتي هٽي ويا آهيون جيڪي ايس ڊي جي، جي سياسي پڌرائي ۽ ايتري تائين ته ايجنڊا 2030 ع ۾ شامل ڪيا ويا هئا. هن چيو ته تبديلي رڳو عمل ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن جي حوالي سان ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جن ۾ سوشل ڊولپمينٽ گولز کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ، 2021ع جي سوشل ڊولپمينٽ ريفارمز جي رکيل فنڊ جو 50 سيڪڙو اسرندڙ ??لڪن کي فراهم ڪرڻ، عالمي مالياتي ادارن ۾ اسرندڙ ??لڪن جي آواز ۽ نمائندگي کي وڌائڻ ۽ اسرندڙ ??لڪن جي ر??ائ??تي قرضن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. هن واپار بابت معاهدي جي شقن کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته ان شعبي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي جو انجڻ بڻجڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان کي نئين ماحولياتي تحفظ پسندي خلاف مزاحمت، اسرندڙ ??لڪن لاءِ ترجيحي سلوڪ کي وڌائڻ گهرجي. پاڪستاني سفير چيو ته اسان کي منصفاڻي ڊيٽا گورننس کي يقيني بڻائڻ ۽ مصنوعي ذهانت جي طاقت کي حاصل ڪرڻ گهرجي. اي آءِ گورننس تي هڪ سالياني مڪالمي سان گڏوگڏ ان جي صلاحيت جي تعمير تي هڪ فنڊ به رکڻ گهرجي. هن چيو ته اهم اسرندڙ ??لڪن لاءِ ڪمپيوٽنگ طاقت هوندي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسرندڙ ??لڪن کي جديد ترين ٽيڪنالا??يز ڊوائيسز تائين پهچ ۽ انهن مصنوعات کي حاصل ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
دنيا جا اسرندڙ ملڪ يو اين پيڪٽ فار فيوچر تي عمل ڪن: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ